ڀورن دڙن ٽڪرن وارا چٽ

ڀورن دڙن/ ٽڪرن وارا چٽ: کيرٿر ۾، پير ڪنڀ جي سامهون ۽ ڀورن دڙن (ٽڪرن) جي اولهه ۾ پٿرن تي چٽن وارا ٻه هنڌ هڪ ٻئي جي ويجهو آهن. انهن هنڌن تي پٿرن تي ڪيل نقش نگاري توجهه ڇڪائيندڙ آهي. اتر پاسي واري ٽڪريءَ تي هڪ شاندار گهوڙي جي تصوير اڪريل آهي. کيرٿر ۾ اهڙو نفيس ڪم گهٽ نظر آيو آهي. ان کان اوڀر واري ٽڪري تي تمام گهڻي عڪاسي ڪيل ٿي ڏسجي. هت ٽڪرن ۾ سرهه، اسٽوپا ۽ هڪ ماڻهوءَ جا چٽ چٽيل آهن ۽ ماڻهو پلٿي ماري ويٺو آهي، جنهن جي ڀرسان هڪ سرهه پڻ بيٺو آهي. ان نقش جي ويجهو هڪ اسٽوپا به نمايان آهي. هتي ڪجهه ابتيون سبتيون لکتون به موجود آهن، جن ۾ ڪي موجوده دور جون لکتون به شامل آهن. هن ماڳ تي اسٽوپا جي نقش مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هي چٽ، ٻڌمت جي اوائلي دور سان واسطو رکن ٿا. هنن چٽن کي وقت ۽ موسمي تبديلين ختم ڪري ڇڏيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو